عبدالرحمان سنڌي لکنوي

عبدالرحمان سنڌي، لکنوي: هيءَ نامور بزرگ ۽ عالم شڪارپور جي علائقي روپاهه جي ڳوٺ عبدالحڪيم جو ويٺل هو، سندس والد جو نالو سيد محمد حسن هو. مقامي اسڪولن ۾ تعليم پرايائين. سير سفر ڪندي لکنئو وڃي نڪتو ۽ اتي ئي رهي پيو. مسجد ۾ رهندو هو، عبدالرحمان وحدت الوجود جو قائل هو ۽ وجودي فڪر تي هڪ بي مثال ڪتاب ‘ڪلمة الحق’ عربيءَ ۾ لکيائين. هن ڪتاب بابت نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پنهنجي مقالي ‘شڪارپور جا نثر نويس’ ۾ لکي ٿو ته: ابن عربي جي ڪتابن خصوصاً الحڪم ۽ فتوحات المڪيه کانپوءِ وحدت الوجود بابت عبدالرحمان جو ڪتاب ‘ڪلمة الحق’ انهي علمي معيار جو آهي. ڪتاب ۾ ڪلمي جي معنيٰ تي وڏو بحث ٿيو. ان وقت جي عالم مولانا عبدالعزيز محدث دهلويءَ هن ڪتاب جو رد لکيو. شيخ عبدالحڪيم لاهوريءَ به عبدالرحمان سنڌيءَ جي توحيد واري فڪر جو رد لکيو. عبدالرحمان سنڌيءَ جي ٻين ڪتابن ۾ ‘مفتاح التوميه’، ‘جهد الفضل’ ۽ ‘سدالانسان’ قابل ڪر آهن. سندس هڪ ڪتاب ڪلمة الحق جي هڪ حصي جو اردو ترجمو ‘وحدت الوجود’ جي نالي سان لاهور وارن ڇپرائي پڌرو ڪيو. علامه عبدالرحمان ڪيترن ئي سلوڪ جي طالبن کي فيض پهچايو. مولانا امير علي لکنوي شهيد، حسين بخش فرخ آبادي، عرفان احمد انصاري ۽ انيس الرحمان قابل ذڪر آهن. عبدالرحمان سنڌي لکنويءَ 1245هه/ 1830ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو